ٺٽي ۾ 2 نينگريون سڱ چٽي ۾ ڏيندڙ بااثر خلاف ڪارروائي جو حڪم

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي واسڻ 2 نينگرين کي سندن چاچي پاران پيار جو پرڻو ڪرڻ جي عيوض سڱ چٽي طور ڏيڻ وارو فيصلو ٻڌائيندڙ بااثرن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگھي، عدالت پاران پوليس کي کين فوري طور تحفظ  ڏيارڻ ۽ ميريج ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون. ٺٽي شھر جي آمري اسٽاپ جون رهواسڻ 2 سئوٽ نينگريون گلناز ۽ روزينه پنهنجي مائرن وزيران ۽ صنم سان گڏجي پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو مسز مشتري خانم جي عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندن نياڻين کي بلاجواز زبردستي کنڀي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ زبردستي سندن مرضي کانسواءِ سندن شادي ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. نينگرين جي مائرن عدالت کي استدعا ڪئي ته بااثر شخص غلام نبي ميرجت ۽ ٻين گڏجي سندن نياڻين جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آھي کين تحفظ ڏياريو وڃي. نينگرين موجب اُھي شاگردياڻيون آھن سندن هن معاملي سان ڪوبه تعلق نه آھي کين تعليم حاصل ڪرڻ ڏني وڃي ۽ کين پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي ڇاڪاڻ جو سندن چاچي ممتاز ميرجت، عيدو ميرجت جي ڌيءَ ماروي کي پنهنجي مرضي سان وٺي ويو آھي جنهن سان سندن ڪوبه تعلق ناهي هنن کين ۽ سندن والدين کي تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آھي. جڏھن ته معصوم نينگرين کي سڱ چٽي طور ڏيڻ جو فيصلو ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف پوليس ڪو به  تحريڪ نه ورتو آھي ۽ نه ئي وري سندن خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.