ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ميٽرڪ جا امتحان شروع ٿي رهيا آهن پر هزارين شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا آهن. داخلا ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن ۽ والدين جو وڏو انگ ميٽرڪ بورڊ ٻاهران گڏ ٿي ويو. ڪيترائي شاگرد امتحاني فارم جمع ڪرائڻ لاءِ بورڊ آفيس ۾ به موجودرهيا . شاگردن جو چوڻ آهي ته امتحان جا ايڊمٽ ڪارڊ ڏيڻ اسڪول ۽ بورڊ انتظاميا جي ذميواري آهي. ٻئي طرف ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايڊمٽ ڪارڊ جي فراهمي 30 اپريل کان جاري آهي، جن اسڪولن جا فارم آن لائين جمع ڪرايا اهي پرنٽ به آن لائن حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آخري ڏينهن تي مختلف اسڪولن جا ايڊمٽ ڪارڊ پرنٽ ڪرڻ سبب لوڊ وڌي وڃي ٿي.