آمريڪي سفير پاڪستان اندر ڪنهن کي به آزاد نٿو ڪرائي سگهي: عمر ايوب

اسلام آباد (بيورو + م ڊ ) آمريڪي سفير پاڪستان اندر ڪنهن کي به آزاد نٿو ڪري سگهي، اسان پنهنجا خدشا ڪنهن پرڏيهي سفير آڏو نه  رکنداسين، اسان محب وطن ماڻهو آهيون. عمر ايوب چيو ته قانون جي حڪمراني جو فائدو قومي ترقي جي صورت ۾ ٿيندو آهي، موجوده ماحول ۾ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.  هن چيو ته مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو خوش آئند آهي، جنهن سبب وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ صدر جي چونڊ تڪرار ۾ اچي وئي آهي. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي آيل عورتون ۽ اقليتن جو حڪومت سان ڪو تعلق ناهي، انهن عهدن تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻيون پونديون.  تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب وفد سان گڏ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ عمر ايوب سان گڏ تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ رئوف حسن به موجود هئا.آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ ۽ اهم موضوعن تي گفتگو ٿي.سفارتخاني موجب معيشت جي بحالي ۽ سڌارن لاءِ جاري آمريڪي حمايت ۽ انساني حقن ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون.ملاقات ۾ آمريڪي سفير پاڪستاني عوام جي مستحڪم ۽ محفوظ مستقبل لاءِ معاشي سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو.ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پرڏيهي کاتي ذريعي آمريڪي سفير طرفان ملاقات جو چيو ويو هو، اسان ان ملاقات لاءِ اڄ جو وقت ڏنو، آمريڪي سفير ۽ پوليٽيڪل آفيسر ملاقات ۾ موجود هئا، اسان آئين جي بالاستي تي ڳالهه ڪئي.سندس موجب آمريڪي سفير سان سڌي ريت ڳالهه ڪئي آهي ته اسان ڪنهن ملڪ جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين، اسان هر هر چيو ته هي پاڪستان جا اندروني مسئلا آهن، ملڪ ۾ رول آف لا هجڻ گهرجي، جنهن سان سيڙپڪاري ايندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.