ڪشمور(ڊ ر) 4 ڏينهن اڳ گڊو ٿاڻي ڀرسان 17 آر ڊي وٽان اغوا ٿي ويل ڊمپر ڊرائيور صادق علي ملڪ ۽ ڪلينر فاروق ملڪ کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي، گڊو ٿاڻي تي اي ايس پي ڪشمور راڻا دلاور، ايس ايڇ او گڊو اميد علي جاگيراڻي ۽ وڏي منشي سکيو خان ملڪ سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 4 ڏينهن اڳ 17 آر ڊي وٽان اغوا ٿي ويل ڊمپر ڊرائيور صادق ملڪ ۽ ڪلينر فاروق ملڪ کي ڌاڙيل ھڪ ھنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڳجهي اطلاع ملڻ بعد اي ايس پي ڪشمور جي اڳواڻي ۾ گڊو پوليس جي وڏي نفري ڪشمور ويجھو گيھلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ چڙھائي ڪئي ھن وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ پوليس کي ڏسندي ڌاڙيلن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھن دعوا ڪندي چيو ته مغوين کي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرايو آهي پوليس جي فائرنگ ۾ يقينن ڏوھاري زخمي ٿيل آهن، جڏھن ته مغوين جي بازيابي جي اطلاع ملڻ بعد بازياب ٿيل ڊمپر ڊرائيور صادق ملڪ ۽ ڪلينر فاروق ملڪ جا وارث ۽ ملڪ برادري جا ماڻهون ملڪ برادري جي چڱي مڙس سردار لھڙي خان ملڪ جي اڳواڻي ۾ گڊو ٿاڻي تي پھچي پوليس مٿان گلن جي ورکا ڪري نوٽن جا ھار پارايا.