بلوچستان سان وفاق نه ان جا پنهنجا ماڻهو زيادتي نه پيا ڪن: گورنر

ڪوئيٽا (م ڊ) شيخ جعفر خان مندوخيل بلوچستان جي 24هين گورنر طور حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيل تقريب ۾ بلوچستانهاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ کانئس حلف ورتو. حلف برداري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ جعفر خان چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين ۽ جيڪي ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، انهن سان ڳالهائينداسين. گورنر چيو ته بلوچستان جو عوام وفاق کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري ٿو. وفاق بلوچستان کي هن وقت تائين جيڪي فنڊ ڏنا آهن، ان جو ڪو به حساب ناهي. هن چيو ته هو وفاق سان گڏجي مسئلا حل ڪندا، وفاق به بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. شيخ جعفر خان مندوخيل چيو ته بلوچستان جي حقن لاءِ اڳ به محنت ڪئي هئي ۽ اڳتي به ساڳي محنت سان ڪم ڪندو رهندس. بلوچستان جو ڪيس اڳ به وڙهيو هو ۽ هاڻي به وڙهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.