اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هاڻي حڪومت کي آئيني ترميم ۾ ڏکيائيون پيش اينديون. پارلياماني سياست جي ماهر ۽ پليڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي آئيني ترميمن ۾ ڏکيائيون ٿي سگهن ٿيون. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته بظاهر مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت معطل ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ججن ۽ چيف جسٽسن جي مقرري بابت قانون سازي غور هيٺ هئي پر هاڻي انهن اميدن تي پاڻي ڦري ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت پوندي. هن چيو ته حڪومت لاءِ معمول واري قانون سازي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آهي، ڇو ته ان لاءِ ٻه ڀاڱي ٽين اڪثريت جي ضرورت ناهي.