عمران خان رياست مخالف مهم پيو هلائي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ  واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 10 مئي کان اڻ رجسٽرڊ گاڏين خلاف آپريشن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڻ رجسٽرڊ گاڏيون ڏوهن ۾ استعمال ٿين ٿيون  ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جي سوشل اينڊ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  آئون والدين کي درخواست ڪندس ته پنھنجي ٻارن تي خاص ڌيان ڏين، آئون ميڊيا کي به درخواست ڪريان ٿو ته منشيات، خاص طور تي آئيس خلاف آگاھي واري مھم ھلائن. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن لاءِ لسٽ جمع نه ڪرائي ھُئي، ھي ملڪ پاڪستان جي آئين تحت ھلندو آھي، ڪنھن جي خواھشن تي ملڪ نه ٿو ھلي سگھي، سياسي جماعت جي حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ واري ڪابه پارٽي جيڪڏھن اليڪشن کان اڳي مخصوص سيٽن تي لسٽ جمع نه ڪرائي ته اھڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون گھرڻ جو ڪوبه آئيني حق ڪونھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير چيو ته آئيني طريقي سان گھر ڀيڙي ڪيل حڪومت جو سربراھ جيل ۾ ويھي بين الاقوامي رسالن ۾ مضمون ڇپرائي رھيو آھي، اُن موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائز ٽيڪسيشن سليم راجپوت، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به سينئر وزير سان گڏ ھُئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.