عدالت پاران ٽريفڪ سگنلن تي خيرات وٺندڙ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) عورت جي شڪايت تي مقامي عدالت پنيو فقيرن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .ايڊيشنل سيشن جج اولهه ۾ شهر جي هاءِ ويز ۽ ٽريفڪ سگنلن تي پنيو فقيرن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت شهر جي سمورن سگنلز تي پنيو فقيرن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت چيو ته حملي آورن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي. عدالت چيو ته پينو فقيرن جي ڪاروبار ڪندڙ نيٽ ورڪ ٺاهڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالتي حڪم تي سڄي شهر ۾ پينو فقيرن جي خلاف ڪارروائي ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت  چيو ته سمورا آفيسر عدالتي حڪم تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ان حوالي سان فوڪل پرسن مقرر ڪري هر مهيني ڪارروائي جي رپورٽ پيش ڪري.گداگري خلاف قائم اداري کي فعال بڻايو وڃي.عدالت ڊي جي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو کي هدايت ڪئي ته ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام لاءِ پوليس سان تعاون ڪيو وڃي، پوليس ۽ چائلڊ پروٽيڪشن بيورو، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي ڪارروائي لاءِ آن لائين ڪيو وڃي.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته معاشي مجبوري سان گڏ انساني اسمگلنگ جهڙن سببن کي به ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.