ڪميشن فيض حميدکي ڪلين چٽ ڏني ته درست فيصلو هوندو:خورشيد شاهه

سکر (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو  فيصلو سي اي سي اجلاس ۾ ڪندي،اهڙو اظھار هن غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ۽ شاگردياڻين جي سهڪار سان  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي سلسلي ۾ اسپورٽس ويڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،  ان خورشيد شاھ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڪميشن ريٽائرڊ جنرل فيض حميدکي ڪلين چٽ ڏني آھي ته پوءِ يقينن اهو ئي درست فيصلو هوندو، اسان کي ان تي وڌيڪ ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، پر ان قانون تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي، جنهن تي پارليامينٽ کي نظر انداز ڪيو وڃي. هن سنڌ ۽ پنجاب حڪومت کي اپيل ڪئي ته ڪڻڪ خريد ڪري پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري هارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن، سندس چوڻ هو ته سکر سول اسپتال جي فنانس ڊائريڪٽر کي بي قاعدگين سبب هٽايو ويو آهي، وڏي وزير کي چوندس ته ڪنهن ايماندار ماڻھو کي مقرر ڪري. سپريم ڪورٽ جيڪڏهن قانون کي معطل ڪرڻ جو حڪم پاس ڪري ته ان کي قانون ٺاهڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ ڏانهن وڃڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.