دنيا جي آبادي جي صورتحال تي سالياني رپورٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يو اين ايف پي اي دنيا جي آبدي جي صورتحال تي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

رپورٽ موجب پاڪستان کي ڊليوري دوران عورتن جو موت روڪڻ ۾ 122 سال لڳي سگهن ٿا.

رپورٽ جو موضوع جنسي ۽ ٻار پيدا ٿيڻ واري صحت ۽ حقن ۾ اڻ برابري جو خاتمو آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته دنيا ۾ هر روز 8 سئو عورتون ٻارن جي پيدائش دوران فوت ٿي وڃن ٿيون.

پاڪستان جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 19 سالن کان گهٽ عمر جي آهي، پاڪستان ۾ هر 50 منٽن ۾ هڪ عورت ڊليوري جي پيچيدگين سبب فوت ٿي وڃي ٿي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وقت سر صحت جون سهولتون ملي ناهن سگهنديون يا امڪان گهٽ هوندا آهن.

پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي جي ضرورتن کي پورو ٿيڻ ۾ وڌيڪ 93 سال لڳندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.