هيرا منڊيءَ جو اداڪار موديءَ جي انتها پسند پارٽي ۾ شامل، چونڊ وڙهڻ جو اعلان

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار شيکر سمن لو سڀا جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ موديءَ جي انتها پسند پارٽي ” بي جي پي “ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي.
ڀارت لوڪ سڀا جون چونڊون ٽيئن مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ يارنهن رياستن جي 93 سيٽن تي چونڊ ٿيندي.
شيکر سمن ان کان اڳ 2009ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي چڪو آهي پر کيس ساٿي اداڪار شتروگهن سنها هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
اداڪار 15 ورهين کانپوءِ ٻيهر سياسي ميدان ۾ انٽري ڏني آهي پر هن دفعي هو بي جي پي جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو وٺندو.
ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيکر سمن چيو ته هن کي اندازو نه هو ته هو اهڙو اعلان ڪندو پر زندگي ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.