ڪراچي (پ ر) فپواسا سنڌ چيپٽر يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي تازي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو آھي جنهن ۾ يونيورسٽين جي الائونسز تي سوال اٿاريا ويا آهن.
اڳواڻن چيو آهي ته يونيورسٽيون خودمختيار ادارو آهن، ۽ انهن کي پنهنجون مالي ۽ انتظامي قانوني ادارا آهن.
فپواسا سنڌ چيپٽر جي صدر، چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي هر پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي جي سالياني بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي الائونس ۽ هائوس رينٽ سميت سمورن الائونسز ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪريون ٿا. ان کان علاوه، اسان حڪومت کان تفاوت الائونس جي منظوري جو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن وڌندڙ مهانگائي کي منهن ڏئي سگهجي.
ڊاڪٽر باقر علي زرداري چيو ته اسان ميرپورخاص يونيورسٽي ۾ پوليس جي حملي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسي ايشن جي مطالبن جي حمايت ڪريون ٿا. افسوس جي ڳالهه آهي ته لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن کي گذريل چئن مهينن کان پگهارون نه مليون، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن.
فيڊريشن آف آل پاڪستان اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (FAPUASA) سنڌ چيپٽر جي جنرل باڊي جو اجلاس ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽاف ڪلب ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشنز جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس جو بنيادي ايجنڊا يونيورسٽين ۽ بورڊز جي تازي خط کي رد ڪرڻ ۽ ان جي مذمت ڪرڻ هو جنهن ۾ يونيورسٽين ۾ ملندڙ الائونسز تي سوال اٿاريا ويا آهن.
فپواسا سنڌ چيپٽر فيصلو ڪيو ته سڀاڻي کان سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ مهم شروع ڪئي ويندي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويندو هر يونيورسٽي جي بجيٽ گهٽ ۾ گهٽ 100 سيڪڙو وڌائي وڃي ۽ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي الائونس، هائوس رينٽ ۽ ٻيا الائونس بہ ايندڙ بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تائين وڌايا وڃن.
سمورين اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئشنز جي قيادت متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته يونيورسٽيون سليڪشن بورڊ جھڙين شين جا فيصلا وٺڻ ۾ خودمختيار آهن، ان ڪري انهن کي اهڙن معمولي معاملن جي اڳواٽ منظوري وٺڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. ان کان علاوه اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ HEC ۾ گرانٽ مختص ڪرڻ جو هڪ معروضي فارمولا لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي تعصب کان بچي سگهجي. ان کان علاوه ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو، ميرپورخاص يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سميت ڪيتريون ئي يونيورسٽيون مستقل وائيس چانسلرن کان سواءِ آهن ۽ اها صورتحال انھن يونيورسٽين جي ترقي ۽ معمول جي مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي انهن ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر ڪيا وڃن.
ايوان پاران مشترڪہ طور تي يرپورخاص يونيورسٽي ۾ پوليس جي مداخلت جي مذمت ڪئي وئي ۽ خاص ڪري تڏھن جڏھن فيڪلٽي ايسوسي ايشن پاران پگهارن لاءِ پرامن احتجاج ڪيو پئي ويو. فاپواسا لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران چئن مهينن کان فيڪلٽي ميمبرن کي پگھارون نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. قيادت چيو ته يونيورسٽين جي اهڙي حالت سنڌ حڪومت تي سنگين سواليه نشان پيدا ڪري ٿي، تنهن ڪري انهن مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي.
اجلاس جي پڄاڻي تي فاپواسا سنڌ چيپٽر اعلان ڪيو ته سڀاڻي کان ڪارو ڏينهن ملهائي حقن لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته فاپواسا پاران احتجاج جو دائرو وسيع ڪري ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.