سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ملازمن جي پينشن جي حوالي سان وڏي خبر اچي وئي، حڪومت پينشن جي بار کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏو اشارو ڏئي ڇڏيو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ ۽ عطاءُالله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.
ان دوران حڪومت پينشن جي بار کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ جو اشارو ڏنو.
وفاقي وزيرن چيو ته رٽائرمينٽ ۽ پينشن جا ساليانا وڏا خرچ آهن، پينشن سڌارن تي مشاورت جاري آهي، پينشن جو بار گهٽ ڪرڻ لاءِ سرور جو دورانيو وڌائڻ جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آهن.
هنن چيو ته اهو سڀني ادارن لاءِ آهي، سول سرونٽ، آرمڊ فورسز يا جڊيشري جي حوالي سان ايڪٽ ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن پارليامينٽ منظوري ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.