ڪراچي وارن لاءِ پاڻي جو مسئلو حل، مرتضيٰ وهاب وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهرين لاءِ پاڻي جو مسئلو حل ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ 12 اربن جي لاڳت سان نئين حب ڪينال مان پاڻي فراهم ٿيندو.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته حب ڪنال مان واڌو پاڻي آڻڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن سان ڪياماڙي، بلديه جي عوام کي پاڻي ملندو، 12 اربن سان 200 ملين گيلن پاڻي جو حب ڪينال ٺهندو، جيڪو 12 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ 200 ملين گيلن پاڻي جو منصوبو تيار ٿي ويندو.
هن چيو ته ڪراچي کي حب ڊيم مان پاڻي فراهم ڪندڙ سسٽم 45 سال پراڻو آهي، جنهن سبب 100 بدران 500 ملين گيلن پاڻي ملندو آهي، نئين ڪينال سان پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، ڪينجهر ڍنڍ مان ڪراچي لاءِ 77 اربن جو منصوبو سنڌ ايڪنڪ کي موڪليو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.