سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪجهه ڏينهن لاٿ کانپوءِ اڄ سون جو اگهه چڙهي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2500 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 40 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2143 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 6 هزار 190 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 21 ڊالر واڌ سان 2302 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.