چارجنگ اسٽيشنز کان پري رهو، سيڪيورٽي ادارن خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ فيڊرل بيورو آف انويستي گيشن (ايف آءِ اي) واهپيدارن کي عوامي مقامن تي فون چارجنگ اسٽيشنز استعمال ڪرڻ کان خبردار ڪيو آهي، جيڪو ماڻهن جي اسمارٽ فونز کي خطرناڪ سافٽ ويئر منتقل ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي.
ايف بي آءِ ايڪس تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته شاپنگ مالز ۽ ايئرپورٽس تي لڳل يو ايس بي اسٽيشنز کي وائرس ۽ موبائيل فونز ۾ مانيٽرنگ سافٽ ويئر پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي پيو.
سيڪيورٽي اداري ٽوئيٽ ۾ اپيل ڪئي آهي ته پاڻ سان گڏ پنهنجو پاور بينڪ يا چارجر رکو ۽ پبلڪ چارجر اسٽيشنز استعمال ڪرڻ بجاءِ پنهنجو اليڪٽرول آئوٽ ليٽ استعمال ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.