بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي پر معاشي استحڪام لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي.
پاڪستان، سعودي سيڙپڪاري فورم 2024 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر کي ملڪ کي ليڊ ڪرڻو آهي، انهن کي اڳتي جڏهن ته وزيرن ۽ بيورو ڪريسي کي پوئتي ويهڻ گهرجي.
هن چيو ته بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي ۽ گذريل 10 سالن کان پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي، جڏهن ته ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ هوريان هوريان واڌ ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان کي برآمدون وڌائڻ گهرجن، حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ڏيڻ آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي، معاشي سڌارا اسان جي ايجنڊا آهي، ٻاهرين سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، واپارين ۽ سيڙپڪارين جي مدد لاءِ وزارت جون خدمتون حاضر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.