”پِچ تي گهڻو گاهه هو، انڪري اسپنر نه کيڏايو، غلطين مان سکڻو پوندو“، انگلينڊ هٿان وائيٽ واش کانپوءِ بابر جو بيان

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته کيس نٿو لڳي ته انگلينڊ خلاف ٽِين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي واڌو اسپنر جي ضرورت هئي.
انگلينڊ هٿان ٽِين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته پچ تي گهڻو گاهه هو، انڪري ئي ٽيم ۾ 3 فاسٽ بالر ۽ هڪ آل رائونڊر شامل ڪيو ويو.
هن چيو ته اسان کي پنهنجون غلطيون قبول ڪري انهن مان سکڻو پوندو.
رضاالله جي بيٽنگ بابت بابر اعظم چيو ته ٽيم به سندس اننگز کي ڏاڍو انجواءِ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هو رضاالله بابت گهڻو نٿو ڄاڻي، رڳو ايترو ٻڌو هو ته هن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي آهي.
واضح رهي ته انگلينڊ ٽئين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 3-0 تان کٽي ورتي ۽ پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو.
پاڪستان انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 130 رنسن جو هدف ڏنو هو، جيڪو ميزبان ٽيم 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڊين لارنس کي ٽِين ٽيسٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته محمد عباس ۽ اولي رابنسن کي سيريز جو گڏيل بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like