ايران جو صبر جواب ڏيڻ لڳو؟ سعودي، اردن ۽ جپان کي سخت وارننگ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سعودي عرب، اردن ۽ جپان کي خبردار ڪيو آهي ته ايران مخالف ٺهراءَ جي حمايت کين مهانگي پوندي.
برطانوي ميڊيا موجب،ايراني سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي اسماعيل بقائي ايران ۽ نار ملڪن وچ ۾ ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته خطي جي مسئلن جو حل ٻاهرين مداخلت کانسواءِ رڳو هڪ ٻئي سان ڳالهين ۾ ئي موجود آهي.
هن ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ کي اهم سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو.
ايراني ترجمان وڌيڪ چيو ته ”اسان نه جنگ ۽ نه ئي امن جي حالت ۾ آهيون، پر هن وقت جنگ واري صورتحال مان گذري رهيا آهيون.“
هن واضح لفظن ۾ چيو ته سامونڊي پابنديون ۽ ناڪابندي جنگي قدمن جي برابر آهن، تنهن ڪري جيڪو به قدم کنيو ويندو، ان کي رڳو دفاع طور ڏٺو وڃي.
اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته آبناءِ هرمز تي ايران جو مڪمل ڪنٽرول برقرار آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي ٻارڻ جي وڌندڙ اگهن جو ذميوار رڳو آمريڪا آهي.
هن چيو ته ايران خلاف کنيل قدمن جا نتيجا لاڳاپيل ملڪن کي ڀوڳڻا پوندا، ڇو ته موجوده صورتحال ۾ صبر جي گنجائش محدود ٿيندي پئي وڃي.

You might also like