لفٽ اندر آئينا ڇو لڳل هوندا آهن؟ دلچسپ سبب ڄاڻيو

توهان لفٽ ۾ سفر ته ضرور ڪيو هوندو پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ان ۾ آئينا ڇو لڳل هوندا آهن؟ توڙي جو ان جو سفر ڪجهه سيڪنڊن يا منٽ جو هوندو آهي.
لفٽ ۾ آئيني جي ڳالهه ڪجي ته ان جا هڪ نه پر ڪيترائي ڪارڻ آهن ۽ اهي دلچسپ به آهن.
بند جاين جي خوف کان ڇوٽڪارو
ڪيترن ئي ماڻهن کي بند جاين ۾ خوف محسوس ٿيندو آهي ۽ لفٽ به اهڙي ئي جاءِ آهي، لفٽ اندر جڳهه ۽ آڪسيجن جو مقدار محدود هوندو آهي ۽ لفٽ جي حرڪت ڪرڻ سان ڪجهه ماڻهن ۾ انزائٽي وڌندي آهي.
پر آئيني ۾ ڏسڻ سان انزائٽي جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ جڳهه سوڙهي محسوس ناهي ٿيندي.
تحفظ ملندو آهي
لفٽ ۾ لڳل آئينن سان توهان اتي پاڻ سان گڏ موجود ٻين ماڻهن کي ڏسي سگهو ٿا، مثال طور توهان انهن جي چهرن جي تاثرن تي نظر رکي سگهو ٿا ۽ اهو به ڏسي سگهو ٿا ته ڪو شڪي حرڪت ته نٿو ڪري.
بيزاري کان بچاءُ
لفٽ جو سفر ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ بيزار ڪندڙ هوندو آهي پر آئيني جي ڪري بيزاري جو احساس گهٽ ٿيندو آهي.
توهان آئيني ۾ ڏسي پنهنجا وار ٺاهي سگهو ٿا، عورتون ميڪ اپ ٺيڪ ڪري سگهن ٿيون.
آئيني سان اسان جو ڌيان مَٽجندو رهندو آهي، جيڪڏهن آئينا نه هجن ته ماڻهو دَر يا فرش کي ئي ڏسندو، جنهن سان بيزاري جو احساس ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.