قانون هٿ ۾ کڻندڙن تي سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ٿيندا: آءِ جي اسلام آباد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو آهي ته سيڪيورٽي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن تي سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ٿيندا.
آءِ جي اسلام آباد ڊي چوڪ جو دورو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي ڏسندي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڪنهن به شرپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي احتجاج، ريلي يا ميڙاڪي تي پابندي آهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.