پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان کي آزاد ڪرڻو پوندو، حڪومت وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
تحريڪ انصاف جي پشاور مان نڪرندڙ قافلي ۾ شريڪ عارف علوي چيو ته اڄ تائين پي ٽي آءِ باني جو ڪو سڏ ناڪام ناهي ٿيو، ڳالهين جو وقت ختم ٿي ويو، حڪومت کي عمران خان کي آزاد ڪرڻو پوندو، ان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي.
هن چيو ته ملڪ ۽ عدليا کي آزاد ڪرڻو پوندو، پي ٽي آءِ اڄ تائين ڪو سمجهوتو نه ڪيو، تنهن ڪري جيڪڏهن اليڪشن واري ڏينهن 70 سيڪڙو ماڻهو اسان سان گڏ هئا ته اڄ 90 سيڪڙو ماڻهو اسان سان گڏ آهن.
Prev Post
You might also like