”سينيٽ چيئرمين جي آڇ ڪئي وئي پر مان ته جرنيلن کي به انڪار ڪيو هو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته احتجاج جي معاملي تي منهنجو موقف ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مان رڳو ڊي آءِ خان ۾ ڌانڌلي تي احتجاج ڪري رهيو آهيان، هو منهنجي سياست کي سمجهي ناهن سگهيا.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي هر هنڌ ٿيل ڌانڌلي خلاف اسان جو احتجاج آهي ۽ ائين ناهي ته مان ٻين هنڌن تي جلسا نه ڪيا هئا، مون مختلف جاين تي جلسا ڪيا هئا.

هن چيو ته مان جرنيلن تي به واضح ڪيو هو، مون کي سينيٽ چيئرمين جي آڇ ڪئي وئي هئي پر مان اهڙي سياست نٿو ڪريان، هو اسان جي سياست کي سمجهي نه سگهيا آهن، ڪنهن هڪ تڪ تي به ڌانڌلي ٿي آهي ته مطلب سڄي ملڪ جو معاملو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.