ايران تي آمريڪي پابنديون لڳل آھن.جنھن ڪري ايران سان ٻئي ملڪ جي ڪاروبار ڪرڻ تي بھ بندش آھي،ڪنھن بھ قسم جي ڪاروبار ڪرڻ جو مطلب خطري کي دعوت ڏيڻ سمجھيو وڃي ٿو. چين دنيا جو سڀ کان وڏو تيل خريد ڪندڙ ملڪ آھي. جيڪو ھن وقت بھ ايران کان تيل خريد ڪري ٿو، چين اھو خطرو ڇو کڻي رھيو آھي ؟ ان جو هڪ سادو سبب تھ ھي آهي ته ايراني تيل سستو بھ آھي ۽ سٺي معيار جو پڻ آهي.سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ جنگين سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌي رهيا آهن ته وري ايران پابندين سبب تيل سستي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ تيار آهي.
عالمي نيوز ايجنسي رائٽر جي جاري ڪيل رپورٽ موجب چين 2023 جي پهرين نون مهينن دوران ايران، روس ۽ وينزويلا کان سڀني کان وڌيڪ مقدار ۾ تيل خريد ڪيو آھي.ٽنهي ملڪن تمام گهٽ قيمت تي تيل وڪرو ڪيو.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ گھٽ وڌائي ٿيندي رهي ٿي، پر عام طور تي 90 ڊالر في بيرل کان هيٺ ئي رهي ٿي.شاهي ڪوپلر ڪمپني جي هڪ سينئر تيل تجزيه نگار همايون فلڪ جو اندازو آهي ته ايران خام تيل 5 ڊالر في بيرل تائين وڪرو ڪيو آهي، گذريل سال اھو تيل13 ڊالر تائين وڪيو ھو. ايران هن وقت چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ وڏي راند ۾ ڦاٿل آهي.
چين ھڪ پاسي ايران جي معيشت کي ھٿي ڏئي ڪري چين وچ اوڀر ۾ آمريڪا لاءِ فوجي ۽ سياسي مسئلا وڌائي رهيو آهي، خاص طور تي ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ان جو ھڪ چٽو مثال آھي.ماهرن موجب ايران ۽ چين پابندين کان بچڻ لاءِ ڪيترن سالن کان هڪ پيچيده تيل جي واپار جو نظام جوڙيو آھي.
جنھن ۾ننڍي چانهه جي ڪٽلي جھڙا ۽ خودڪار تيل صاف ڪرڻ جا ڪارخانا،گمنام ٽينڪرن جا ٻيڙا ۽ چين جون اھڙيون علائقائي بئنڪون آھن،جيڪي عالمي سطح تي گھڻا مشهور نه آهن.ريفائنريز جي چانهه جي ڪٽلي جھڙا ڪارخانا وڏن ڪارخانن جو متبادل آھن،جيڪي چين جي راڄڌاني بيجنگ جي اوڀر ۾ واقع آھن.
اهي ننڍڙيون آئل ريفائنريز چين لاءِ گهٽ خطرو بڻجن ٿيون.
سمنڊن ۾ سفر ڪندڙ ننڊا جھاز تيل جي واپار جو ذريعو آهن، انهن آئل ٽينڪرن کي ٽريڪنگ سافٽ ويئر ذريعي سڃاتو ويندو آھي. ايران ۽ چين ھڪ اھڙو نيٽ ورڪ جوڙيو آھي،جنھن ۾ اھڙي جھازن جي ملڪيت غير واضح آهي۽ اهي ٽينڪر پنهنجي درست موجودگيءَ کي لڪائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.ان ڪري،ائين اھي پابندين واري قانون جي گرفت کان بچي وڃن ٿا.گهڻو ڪري اهي گمنام جهاز سمنڊ ۾ سفر واري نظام کي بند رکندا آھن. خيال آھي تھ انهن جهازن ذريعي چيني جهازن ڏانهن تيل پهچندو آھي.اھو سڀ اڪثر سمنڊ ۾ خراب موسم وقت ڪيو ويندو آھي.
24 اپريل تي آمريڪي صدر جو بائيڊن يوڪرين لاءِ هڪ مالي پيڪيج جي منظوري ڏني آھي. جنهن ۾ ايراني تيل جي صنعت تي پابنديون پڻ وڌايون ويون آھن.ھن نئين قانون تحت پابندي انهن عالمي بندرگاهن، جهازن ۽ ڪارخانن تي لاڳو ٿيندي،
جيڪي آمريڪي پابندين جي باوجود ڄاڻي واڻي ايراني تيل کي ريفائن ڪندا يا ان جو واپار ڪندا آهن. چين جون سيڙپڪار ڪمپنيون به انهن نئين پابندين ۾ شامل آهن ۽ ايراني بئنڪن وچ ۾ تيل سان لاڳاپيل ڪنهن به ٽرانزيڪشن تي پابندي لڳائي وئي آهي.
پر ان ھوندي بھ آمريڪا لاءِ ان پابندي تي عمل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو.ان جو سبب ھي آهي ته آمريڪي انتظاميا جي ترجيح تيل جي قيمتن کي گهٽ رکڻ آهي، جيڪا سندن پرڏيهي پاليسي کان وڌيڪ اهم آهي.
ياد رهي ته ايران روزاني جي بنياد تي 3 لک بيرل تيل نڪري ٿو، جيڪو سڄي دنيا جي پيداوار جو ٽي سيڪڙو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايراني تيل جو واپار روڪيو ويو ته ان سان عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون متاثر ٿينديون ۽ قيمتن ۾ اضافو ٿي ويندو.
ماھرن موجب جو بائيڊن کي خبر آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايراني برآمدات کي روڪيو ته مارڪيٽ ۾ موجود تيل گهٽ ٿي ويندو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌي ويندي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته آمريڪا ۾ به تيل جي قيمت وڌي ويندي، پر ،جوبائيڊن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن کان اڳ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ نه چاهيندو.