بگٽي قبيلي جو تاريخي پس منظر

تحرير: سجاد ظهير

بلوچستان جي بگٽين جو اهو پراڻو طريقو آهي، اقتدار ڌڻين جا پراڻا ونگاري رهيا آهن. انگريزن جي دور ۾ وفاداري جا هنن رڪارڊ ٽوڙيا. خاص ڪري جڏهن سنڌ ۾ حر گوريلا تحريڪ انگريز سامراج خلاف هلي رهي هئي ته ڊيرا بگٽي جي بگٽين برٽش فوج جي نه رڳو حمايت ڪئي پر اڪبر بگٽي جي خاندان حر گوريلا تحريڪ جي سپاهين جي قتل عام ۾ پنهجي ڇاڙتن کي ميدان ۾ لاٿو، ان وفاداريءَ جي عيوض انگريزن کين سانگهڙ ۾ زمينون ڏنيون. سانگهڙ جيڪو حر گوريلا تحريڪ جو ڳڙھ هو. هي جيڪو فني خان ساماڻو سنڌ جي ڪچي ۾ پلاند ڪرڻ ۾ جنگ ڪرڻ پهتو آهي. سندس برادري اڪبر بگٽي خلاف مشرف جو ساٿ ڏنو. هي مفاد پرستن جو ٽولو آهي. جيڪو پاڻ عوام دشمن آهي. هي ڪلپر ڌاڙيلن خلاف جنگ جوٽڻ نه پر، ان علائقي کي خالي ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڌڻين جو ونگاري ٿي آيو آهي. باقي اهو ايڏو آسان ڪونهي، ڪلپر صاحب پهتو، ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو ۽ ڌاڙيل ماريا ويا ۽ ڪلپر سردار موٽي ويو.

ڇا ڇا نه هٿ ناٽ آهن؟

سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جو وڏو آزار آهي پر ان جي خاتمي لاءِ ڌاڙيلن جي ساٿاري وڏيرن ۽ سردارن خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي باقي اهڙي ڪارروائي جيڪا ڪنهن ٻئي صوبي منجهان هجي، ان جي زمين تي اچي حملا ڪرڻ اها هڪ نئين ويڙھ ونگارو بڻجي وڙهڻ غلط طريقو آهي. ڌاڙيلن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي عوام جو تحفظ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فرض آهي. انسانن جي اغوا ۾ ملوث ڌرين جنهن جا پيرا بلوچستان ۾ به ملندا رهيا آهن، ان جو پڇاڻو به ٿيڻ گهرجي. هي امن جو مسئلو گڏيل ڀائيچاري سان حل ٿيندو، ڪنهن صوبي جي سرزمين تي حملي ڪرڻ سان حل نه ٿي سگهندو ان لاءِ بگٽين کي گهرجي ته قانوني چاراجوئي ڪن نه ڪي ڪنهن صوبي تي نجي فوج وٺي ڪاھ ڪجي.

سوشل ميڊيا جي پوسٽ

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.