حڪومت ۽  پي ٽي آءِ کي ڪامياب ڳالهين لاءِ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

ايڊيٽوريل

پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي شروعات کي اسان هڪ اهم اڳڀرائي طور ڏسون ٿا، ڇاڪاڻ ته سياسي اختلافن کي روڊن، احتجاجن، گرفتاريُن، انتظامي قدمن يا هڪ ٻئي کي دٻائڻ بدران ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ئي پارلياماني سياست جو بنيادي اصول آهي. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ پهرين مرحلي جون ڳالهيون ڪالهه جمعي تي ٿيون، جن کانپوءِ ٻنهي ڌرين اڄ  ڇنڇر تي ٻيهر ويهڻ تي اتفاق ڪيو.

هنن ڳالهين جو خوشگوار پاسو اهو به آهي ته حڪومتي وفد ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به شامل آهن. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات کانپوءِ وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي تي ٻڌل گڏيل وفد کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ شيري رحمان، سيد نويد قمر ۽ اعجاز جاکراڻي پڻ شامل آهن.

اهو قدم ان لحاظ کان به اهم آهي ته ملڪ کي هن وقت هڪ ئي وقت سياسي ۽ امن امان جي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي صورتحال، افغانستان سان لاڳاپيل سيڪيورٽي خدشا، وفاق ۽ صوبي وچ ۾ اختلاف ۽ 4 آڪٽوبر جي اعلانيل احتجاجي مارچ جي پسمنظر ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. حڪومت طرفان خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ جي امڪان بابت به بيان سامهون آيا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ ڳالهين کي سٺو سنوڻ چوڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، پر ساڳئي وقت ڳالهين کي صرف احتجاج روڪڻ يا هڪ ڌر کان هڪ طرفي رعايت وٺڻ جو ذريعو بڻائڻ بدران وسيع سياسي مفاهمت جي عمل ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڳالهين جو مقصد صرف 4 آڪٽوبر وارو مارچ روڪڻ تائين محدود رهيو ته موجوده بحران شايد ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽري وڃي، پر بنيادي سياسي اختلاف برقرار رهندا. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڳالهين ۾ سياسي، آئيني، انتظامي ۽ امن امان سان لاڳاپيل مسئلن کي گڏ رکيو وڃي ته اڳتي وڌڻ لاءِ وڌيڪ پائيدار رستو نڪري سگهي ٿو.

حڪومت جو بنيادي خدشو خيبرپختونخوا جي امن امان ۽ دهشتگردي جي صورتحال بابت آهي. حڪومت جو موقف آهي ته دهشتگرديءَ خلاف قومي سطح تي گڏيل حڪمت عملي ۽ ادارن وچ ۾ اثرائتو سهڪار ضروري آهي. صدر ۽ وزيراعظم جي ملاقات ۾ به دهشتگردي خلاف قومي عزم مضبوط ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته سياسي مسئلن جو حل سياسي ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي ۽ ايمرجنسي يا گورنر راڄ جهڙا قدم مسئلي جو حل ناهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن احتجاج کي پرامن رکڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي، جڏهن ته پارٽيءَ جي اهم مطالبن ۾ عمران خان سان ملاقات ۽ سندس علاج جي معاملن بابت شڪايتون پڻ شامل آهن. انهن ٻنهي موقفن کي هڪ ئي ميز تي آڻڻ ئي ڳالهين جي اصل آزمائش آهي. حڪومت کي پنهنجي سيڪيورٽي خدشن کي واضح ڪرڻ جو حق آهي، جڏهن ته اپوزيشن کي پنهنجي سياسي ۽ آئيني مطالبن کي پيش ڪرڻ جو حق آهي. سوال اهو آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ اهڙو فارمولو ڪيئن ٺهي، جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي به متاثر نه ٿئي، احتجاج جو جمهوري حق به برقرار رهي ۽ سياسي تڪرار به وڌيڪ سنگين رخ اختيار نه ڪري.

افغانستان مان پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو مسئلو به اهڙي ئي سنجيده سياسي اتفاق راءِ جو گهرجائو آهي. هن معاملي کي ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو مسئلو سمجهڻ بدران قومي سلامتيءَ جو معاملو سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت افغانستان بابت ڪا پاليسي اختيار ڪري ٿي ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ، سياسي جماعتن سان مشاورت ڪرڻ ۽ خاص طور تي ان صوبي جي چونڊيل حڪومت کي به پاليسي جي اثرن کان آگاهه رکڻ سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آسان ٿي سگهي ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ لاءِ به اهو سوال اهم آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ان جي صوبائي حڪومت، وفاق ۽ پارليامينٽ وچ ۾ دهشتگرديءَ خلاف تعاون جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪري سگهجي ٿو. حڪومت جي پاليسيءَ سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي سياسي حق آهي، پر قومي سلامتيءَ جي معاملي ۾ پارلياماني سطح تي بحث، بريفنگ، سوالن ۽ متبادل تجويزن جو رستو وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ وفاق کي به اپوزيشن جي هر اختلاف کي سيڪيورٽي خطرو سمجهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ هڪ بنيادي شرط اها به آهي ته ٻنهي ڌرين کي پنهنجي موقف سان گڏ ٻئي ڌر جي موقف کي ٻڌڻ جي گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي. حڪومت جيڪڏهن صرف مارچ واپس وٺڻ کي ڳالهين جو نتيجو سمجهندي ۽ پي ٽي آءِ جيڪڏهن صرف پنهنجي سڀني مطالبن جي فوري مڃتا کي ڪاميابي سمجهندي ته وچ وارو رستو نڪرڻ ڏکيو ٿيندو. سياسي ڳالهين ۾ ڪجهه معاملن تي فوري اتفاق، ڪجهه تي وڌيڪ مشاورت ۽ ڪجهه کي پارليامينٽ يا عدالتن تي ڇڏڻ جو طريقو اختيار ڪري سگهجي ٿو.خاص طور تي دهشتگرديءَ جي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ وقت جي اهم ضرورت آهي. افغانستان سان لاڳاپيل پاليسي، سرحدي سلامتي، دهشتگرديءَ خلاف حڪمت عملي ۽ صوبائي حڪومتن سان سهڪار جهڙا معاملا اهڙا آهن، جن تي سياسي جماعتن جي وچ ۾ بنيادي اتفاق پيدا ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ هوندو. ان لاءِ پارليامينٽ ۾ بريفنگ، آل پارٽيز مشاورت ۽ صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ جهڙا آئيني ۽ سياسي طريقا موجود آهن.

هاڻي جڏهن ڳالهين جو ٻيو مرحلو شروع ٿي رهيو آهي، تڏهن اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته پهرين ملاقات کانپوءِ دروازو بند نه ٿئي. پهرين مرحلي ۾ اختلاف باقي رهڻ ڪا غيرمعمولي ڳالهه ناهي. ڳالهين جي ميز تي اچڻ پاڻ ۾ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تسلسل ضروري آهي. جمعي جي پهرين دور کانپوءِ ڇنڇر تي ٻيهر ڳالهين تي اتفاق به اهو ظاهر ڪري ٿو ته رابطي جو سلسلو جاري رکڻ جي گنجائش موجود آهي.

تنهن ڪري موجوده ڳالهين کي ڪنهن هڪ جماعت جي فتح يا شڪست جي نظر سان نه، پر سياسي اختلافن کي آئيني طريقي سان حل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش طور ڏسڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ملڪ کي هن وقت وڌيڪ محاذ آرائي نه، پر اهڙي سياسي عمل جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اختلاف به هجن، احتجاج به هجي، احتساب به هجي، پر ڳالهين ۽ آئين جو رستو کليل رهي.

You might also like