گڏيل عرب امارات ۽ صيهوني رياست ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ!

زاهد حسين

گذريل آچر تي اسرائيلي وزيراعظم جي ابوظهبي جي مبينا ڳجهي دوري، گڏيل عرب امارات ۽ صيهيوني رياست وچ ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ کي وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيو آهي. اهو پهريون ڀيرو ناهي ته بينجمن نيتن ياهو خليجي ملڪ جو بنا اعلان دورو ڪيو هجي. هلندڙ سال مارچ ۾، ايران خلاف جنگ عروج تي پهتل هئي، تڏهن به هو ابوظهبي ويو هو، جتي هن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي هئي. ان ئي عرصي دوران اسرائيل جي مک انٽيليجنس اداري موساد جي سربراهه پڻ ٻن ڀيرا گڏيل عرب امارات جو دورو ڪيو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته انهن دورن جو مقصد فوجي ڪاررواين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ هو. گذريل هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ 77 ملڪن اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪيو، پر گڏيل عرب امارات جو وفد پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو، جيڪو صهيوني رياست سان يڪجهتي جو واضح اظهار هو.

2020ع  ۾ ابراهيم معاهدن ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ گڏيل عرب امارات نه رڳو اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، پر ان کان گهڻو اڳتي وڌي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي عملي طور هڪ اتحاد جي شڪل ڏئي ڇڏي، ان وقت به جڏهن اسرائيلي رياست غزه ۾ نسل ڪشي واري جنگ جاري رکيو ويٺي هئي. جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران خلاف بنا اشتعال جي جنگ شروع ڪئي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿي ويا.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل هي غيرمعمولي لاڳاپو، تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ علائقائي صورتحال ۾ هڪ اهڙي ناپاڪ اتحاد جي صورت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو آمريڪا جي ايران خلاف ڊگهي ٿيندڙ جنگ دوران وڌيڪ نمايان ٿي رهيو آهي. رپورٽن موجب گڏيل عرب امارات پڻ ايران خلاف پنهنجا حملا ڪيا ۽ جوابي حملن جو وڏو بار به برداشت ڪيو، جن جا تباهه ڪندڙ نتيجا سامهون آيا، جيتوڻيڪ اسرائيلي فوجي اهلڪارن جي نگراني هيٺ ’آئرن ڊوم‘ هوائي دفاعي نظام پڻ مقرر ٿيل هو. اسرائيل سان گڏيل عرب امارات جي ويجهي فوجي سهڪار کيس ايران خلاف جنگ ۾ سڌيءَ ريت ڇڪي آندو آهي.

هي انتهائي جديد دفاعي نظام پهريون ڀيرو اسرائيل ۽ آمريڪا کان ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ممڪن اسرائيلي اڳواڻيءَ واري علائقائي دفاعي اتحاد ۾ گڏيل عرب امارات جي اهم ڪردار ڏانهن اشارو ڪري ٿو. اهو پهريون عرب-اسرائيلي تعلق پڻ آهي، جنهن حقيقي فوجي ۽ صنعتي بنياد حاصل ڪيو آهي. اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات جو هي ڳانڍاپو رڳو موجوده ايران جنگ تائين محدود ناهي، پر گڏيل عرب امارات اسرائيل جي ان منصوبي جو اهم حصو نظر اچي ٿو، جنهن کي نيتن ياهو ”اتحادن جو ڇهن پاسن وارو دائرو“ قرار ڏئي ٿو.

اسرائيلي وزيراعظم هلندڙ سال جي شروعات ۾ اهو تصور پيش ڪيو هو. 22 فيبروري 2026ع تي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي دوري کان ڪجهه ڏينهن اڳ، نيتن ياهو وچ اوڀر جي چوڌاري يا ان جي اندر ”اتحادن جو هڪ ڇهن پاسن وارو دائرو“ قائم ڪرڻ جو تصور پيش ڪيو. هن ان کي ”بنياد پرست شيعه ۽ اڀرندڙ سني محور“ خلاف هڪ بلاڪ قرار ڏنو. هن چار ملڪن جا نالا کنيا: اسرائيل، ڀارت، يونان ۽ قبرص، جڏهن ته باقي ٻن هنڌن لاءِ عرب، آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جا نالا ظاهر نه ڪيا. تنهن هوندي به اسرائيل سان گڏيل عرب امارات جي ويجهن سفارتي ۽ دفاعي لاڳاپن سبب عام طور اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته انهن ڇهن ملڪن مان هڪ گڏيل عرب امارات به ٿي سگهي ٿو.

نيتن ياهو ڀارت سان انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار کي پڻ ان منصوبي جو بنيادي حصو قرار ڏنو. فيبروري ۾ مودي جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ خصوصي اسٽريٽجڪ ڀائيواري قائم ڪئي وئي، جڏهن ته دفاع ۽ انٽيليجنس جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جو تعاون اڳ ئي ڊگهي عرصي کان جاري آهي. اسرائيل ڀارت کي هٿيار فراهم ڪندڙ وڏن ملڪن مان هڪ آهي. گڏيل عرب امارات به نئين دهلي سان ويجها دفاعي لاڳاپا قائم ڪري چڪو آهي. اهي ٽيئي ملڪ آمريڪا سان گڏ چئن ملڪن واري آءِ ٽو يو ٽو گروپ جو حصو آهن، جڏهن ته ڀارت-وچ اوڀر-يورپ اقتصادي راهداري ۾ پڻ شامل آهن. ٻطرفن دفاعي لاڳاپن سان ڳنڍيل اتحادين جو هي ڄار اولهه ايشيا ۽ ان کان ٻاهر اڀرندڙ سلامتيءَ جي صورتحال کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ اسرائيل پاران تجويز ڪيل ڇهن پاسن وارو اتحاد اڃا تائين باضابطه شڪل اختيار نه ڪري سگهيو آهي، پر ان کي وڏي پيماني تي مڪي اتحاد جي امڪاني مقابلي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنهن کي اسرائيل غلط طور ”سني اتحاد“ قرار ڏئي ٿو. نيتن ياهو ڪيترائي ڀيرا ترڪي کي ايران کان وڌيڪ وڏو خطرو ۽ پنهنجي ”گريٽر اسرائيل“ جي تصور لاءِ وڏو چئلينج قرار ڏئي چڪو آهي. اهڙي پسمنظر ۾ اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ وڌندڙ سفارتي ۽ دفاعي سهڪار ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي ٿو.

گذريل ڪجهه سالن دوران گڏيل عرب امارات ڪيترن ئي علائقائي ۽ پرڏيهي پاليسي معاملن تي پنهنجي خليجي اتحادي ملڪن کان پري ٿيندو ويو آهي، خاص طور تي سعودي عرب سان ان جا اختلاف وڌيا آهن. امارات تي الزام لڳايو وڃي ٿو ته هن بدامني جو شڪار ڏکڻ يمن ۾ هڪ علحدگي پسند گروهه کي هٿيار ۽ مالي مدد فراهم ڪئي، جنهن سبب هو سعودي عرب سان اختلافن ۾ اچي ويو. ان سان گڏ وڏي پيماني تي اهو پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته هو سوڊان جي گهرو ويڙهه ۾ ملوث هڪ هٿياربند گروهه کي هٿيار ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن تي وڏي پيماني تي ظلمن جا الزام آهن. گڏيل عرب امارات صوماليا جي علحدگي پسند علائقي صومالي لينڊ جي پڻ حمايت ڪري ٿو، جنهن کي رڳو اسرائيل تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته باقي سڀئي عرب ملڪ متحد صوماليا جي حمايت ڪن ٿا.

ڪجهه مهينا اڳ ايران خلاف جنگ جي عروج دوران گڏيل عرب امارات سعودي عرب جي اڳواڻيءَ واري تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ مان به نڪري ويو، جنهن سان تنظيم کي سخت نقصان پهتو. اسرائيل سان ويجهي فوجي سهڪار امارات کي ايران خلاف جنگ ۾ سڌيءَ ريت ڇڪي آيو آهي ۽ ان عمل ۾ ان جي پنهنجي سلامتي به خطري ۾ پئجي وئي آهي. اسرائيل جي تجويز ڪيل ڪنهن به اتحاد ۾ ان جي شموليت علائقي لاءِ انتهائي غيرمستحڪم صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي.

گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان جا گڏيل عرب امارات سان لاڳاپا پڻ هيٺاهين جو شڪار ٿيا آهن. هلندڙ سال جي شروعات ۾ گڏيل عرب امارات اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مان ٽي ارب ڊالر جي جمع رقم واپس ڪڍي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا اڳ ۾ ويجها لاڳاپا خاصي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا آهن. امارات ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني افرادي قوت موجود هجڻ سبب هن تبديلي پاڪستان کي هڪ ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جتي انتهائي محتاط توازن برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ورهاست جو وڌندڙ رجحان، هڪ طرف ايران خلاف جنگ، ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيل جي جاري نسل ڪشي ۽ لبنان ۾ ان جون فوجي ڪارروايون، انتهائي ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. اسرائيل جو اهڙو ”ڇهن پاسن وارو اتحاد“ ٺاهڻ جو تصور، جنهن ۾ ڀارت پڻ شامل هجي، پاڪستان جي سلامتي لاءِ اهم سوال پيدا ڪري ٿو، خاص طور تي ان ڪري جو اسرائيل ۽ ڀارت اڳ ئي هڪ اسٽريٽجڪ لاڳاپي ۾ ڳنڍيل آهن. اها صورتحال وچ اوڀر ۽ وسيع علائقي لاءِ ڪنهن به طرح سٺي خبر ناهي، جيڪو ايران خلاف آمريڪا جي نه کٽندڙ جنگ سبب شديد ڇڪتاڻ جو شڪار آهي. يمن ۾ سعودي عرب ۽ حوثي باغين وچ ۾ وڌندڙ تڪرار صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي.

گذريل هفتي ٽن اتحادي ملڪن جي فوجي سربراهن بگڙجندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي، جڏهن ته اها ڳالهه پڻ هلي رهي آهي ته اتحاد جي آرٽيڪل 5 کي فعال ڪيو وڃي، جنهن تحت هڪ ميمبر تي حملو سڀني ميمبرن تي حملو تصور ڪيو ويندو آهي. اهڙو ڪو به قدم پاڪستان کي سڌيءَ ريت هن تڪرار ۾ ڇڪي سگهي ٿو. ايران خلاف جنگ جي خاتمي جا امڪان اڃا پري نظر اچڻ ۽ تڪرار جي پکڙجڻ جي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ ڌماڪيدار ٿي سگهي ٿي. اهڙي پسمنظر ۾ اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ وڌندڙ هي ناپاڪ اتحاد علائقي کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو، جنهن جا اثر تمام گهڻو پري تائين پهچي سگهن ٿا.

You might also like