ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي اٺين ورسي، ڀيٽا پيش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي سوڀو گيانچنداڻي جي اٺين ورسي، سنڌ حڪومت طرفان سوڀي جو يادگار جوڙائڻ ۽ سندس نالي ڪنهن روڊ کي منسوب ڪرڻ وارن اعلانن تي عمل نه ٿيو، سوڀي جي وارثن ۽ ساڃاهه وندن يادگار جوڙائي سندس نالي سان ڪنهن روڊ کي منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي 8 هين ورسي سندس گهر ۾ انتهائي سادگي سان ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سوڀي جي پٽ نرمل داس، ننهن ريکا، سنڌ جي ناليواري اديب، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر محمد علي پٺاڻ، اديب ۽ شاعر آزاد انور ڪانڌڙو، اديب، شاعر ۽ ليکڪ عيسي ميمڻ، اديب ۽ ليکڪ استاد خالد چانڊيو، ڄام جمالي، صحافين محمد حنيف سهاڳ، عبدالحفيظ منگي سميت اديبن، شاعرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. ورسي جي موقعي تي ڪامريڊ جي مجسمي ۽ تصويرن اڳيان گل رکي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. جنهن دوران سوڀي جا گهر ڀاتي کيس ياد ڪري اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي پٽ نرمل داس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان بابا جي جناح باغ ۾ سماڌي ٺاهي ان جي نالي سان ڪنهن روڊ کي منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر اهي اعلان اعلان ئي رهجي ويا تاج جويو چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو عظيم ڪميونسٽ، سنڌ دوست اڳواڻ ۽ اديب هو، ڪامريڊ پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي مظلومن ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ هو برصغير جو به اڳواڻ هو، هن چيو ته اها وڏي ڳالهه آهي جو ڪامريڊ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سنڌ جي مسئلن تي اختلاف رکيو، محمد علي پٺاڻ چيو ته ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو يادگار ۽ فائونڊيشن ٺهڻ کپن پر سنڌي ادبي سنگت کي ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته هو ڪامريڊ جي اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڪوشش ڪن هن چيو ته  ڪامريڊ اندر ۾ صوفي هو، هن جي اندر ۾ شدت پسندي سياستدان وانگر ويٺل نه هو، هو اندر ۾ هڪ نرم دل انسان هو، جيڪو چوندو هو ته بندوق جي نلي مان انقلاب ته اچي سگهي ٿو پر ڪو به خوشحال گهر ٺهي نه ٿو سگهي آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته ڪامريڊ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب ۽ روشن خيال تحريڪ جو باني هو جنهن جو سڀ کان وڌيڪ سرگرم ڪردار رهيو آهي، ڪامريڊ پنهنجي سڄي دور دوران ڇانيل رهيو، عيسيٰ ميمڻ چيو ته ڪامريڊ خطي، ڌرتي ۽ هتان جي ماڻهن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو ايتري حد تائين جو کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ته توهان سنڌ ڇڏي وڃو ان دوران ڪيترائي هندو لڏپلاڻ ڪري ويا پر ڪامريڊ پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي، خالد چانڊيو چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جيڏو وڏو ماڻهو هو اوتري سندس طبيعت ۾ عاجزي هئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.