مبارڪپور جي اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل نوجوان عورت ٻار سميت فوت

مبارڪپور ( رپورٽ : علي رضا ڀٽو ) مبارڪپور لڳ ڳوٺ گهنڃي جي رهواسڻ 20 ورهين جي زرق خاتون زال امجد ڪٽو ويم دوران پي پي ايڇ آءِ اسپتال مبارڪپور ۾ موئل ٻار کي جنم ڏنو،20 منٽن بعد پاڻ به فوت ٿي  وئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته عورت جو ٻار پيٽ ۾ اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪو ، جنهن سبب عورت اندر زھر ڦھلجي ڇُڪي هئي، جنهن  سبب هو فوت  ٿي وئي ۽ ڊاڪٽرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عورت کي مليريا به پازيٽو ھئي ، هوڏانهن فوت ٿيل عورت کي ايمبولينس ذريعي لاش ڳوٺ پهچايو ويو ،فوت ٿيل ٻار ۽ ماءُ جو لاش گهر پهچڻ تي سندن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ،فوت ٿيل عورت ۽ ٻار کي ڳوٺ لڳ اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.