ڄامشورو ويجهو بجلي جي ٽاورن کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائڻ جي ڪوشش

ڄامشورو ( ڊ ر ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي  پويان يوسف کوسو ڳوٺ ڀرسان ڄامشورو کان ڪراچي کي بجلي سپلاء ڪندڙ هاءِ ٽرانسميشن لائين جي ٻن پولن  ي ڌار ڌار وقتن تي نان اليڪٽرڪ ڊيوائسز سان ڌماڪيدار مادو رکي ڌماڪي سان اڏايو ويو، هر هڪ  پول جي ڪنڊن ۾  ھڪ هڪ ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو هو.  ڪراچي جي صنعتي علائقن کي  هاءِ ٽرانسميشن لائين مان بجلي فراھمي  ڪيترن ئي ڪلاڪن جي معطلي کانپوءِ بحال ڪئي وئي، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، واقعي واري ھنڌ ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملدار  محمد رمضان پنهور پنهنجي ٽيم سان گڏ پهچي ويا ۽ پولن جو معائنو ڪرڻ بعد اتان روانا ٿي ويا، ان موقعي تي بي ڊي ايس جي محمد رمضان پنهور ٻڌايو ته ٻن پولن جي اٺن ڪنڊن تي نان اليڪٽرڪ ڊوائيس ذريعي ڌماڪيدار مادو رکي اڏايا ويا, لڳ ڀڳ 7 کان 8 ڪلو وزني ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، ٻئي طرف نيشنل ٽرانسميشن ڊسپيچ ڪمپني واپڊا جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ذوالفقار سولنگي موجب ڌماڪي سان بجليءَ جا پول ڊهي پٽ نه ٿيا، ٻه ڌماڪا ٿيا. مختلف وقتن تي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هاءِ ٽرانسميشن ٽاور نمبر 467 ۽ ٽاور نمبر 463 شامل هئا، جن جي مرمت ٿي چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.