ميهڙ ويجھو زميني تڪرار تان جھيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻنڊو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو.
جھيڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ٽي ڄڻا غلام عباس، حميد ۽ مجيد کوسو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچائي طبي امداد ڏياري وئي.
زخمين اسپتال ۾ ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته جوابدار علي مردان، محمد خان ۽ دائم عرف سڌير زمين ڦٻائڻ لاءِ گھر تي حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پوليس به جوابدارن سان مليل آهي.
هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.