شهدادپور ۾ ڪوٽار جي گهر مان چوري، پيرا کڻي مينهن واپس ڪرائي وئي

شھدادپور( ن ع آ) شھدادپور ويجھو ملدسي روڊ جي ڳوٺ جان محمد باگراڻي مان نامعلوم چورروينيو جي ڪوٽار سڌير باگراڻي جي گھر ۾  داخل ٿي ھڪ مينھن, 3ٻڪريون, سونا زيور, 5 لک روڪ رقم چوري ڪري ويا گھر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ بعد ڳوٺاڻن پيري جي مدد سان   پيرا کڻي ٽنڊو آدم روڊ تي ڳوٺ عزت ڪورائي ۾ قبرستان اندر پيرا ھڻي ھڪ مينھن ھٿ ڪري پوليس کي اطلاع ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي چڏيو پوليس پھچي ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي  ڳوٺ جان محمد باگراڻي جي رھواسي متاثر ڌر جي ماڻهن سڌير باگراڻي, عاشق لاکو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي علائقي اندر ڪيتري  عرصي کان چورين جو وڏو آزار پيدا ٿي ويو آهي ملدسي پوليس صرف نالي ۾ ھجڻ ڪري اسان ڳوٺاڻا غير محفوظ بڻيل آهيون پوليس پڪٽون به خالي پيل آھن ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته چورين جي وڌندڙ آزار ۽ پيدا ٿيل  بدامني تي فوري ڪنٽرول ڪري  چورن کي قابو ڪري ٿيل چوري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.