هيءَ آهي دنيا جي ڊگهن وارن واري سندري، وارن جو راز ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي راپنزيل عاليا سڀ کان ڊگهن وارن واري عورت آهي ۽ هن عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي.

هن اهو رڪارڊ گذريل ڏينهن هڪ اٽلي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪري حاصل ڪيو.

رابنزيل جي وارن جي ڊيگهه 257.33 سينٽر يعنيٰ 8 فوٽ 5.3 انچ آهي.

هن جا وار سندس قد کان ٽيڻ تي ڊگها آهن.

35 سالن جي راپنزيل عاليا سلواڪيا ۾ رهندي آهي، هو هڪ آرٽسٽ ۽ گرافڪ ڊيزائنر آهي.

هن چيو ته هو وارن جي صحت لاءِ وار ٺهرائيندي به آهي، وار ڌوئڻ ۾ کيس اڌ ڪلاڪ لڳندو آهي، هوءَ هيئر ماسڪ جو استعمال ڪري کيس 2 ڪلاڪ لڳندا آهن، سندس وار خشڪ ٿيڻ ۾ 24 ڪلاڪ لڳندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.