وارَن جي خُشڪي ختم ڪرڻ جا ڪارآمد طريقا

وارَن جي خُشڪي ختم ڪرڻ جو ڪارآمد طريقو

ڇا توهان جي وارَن ۾ خشڪي ٿي وئي آهي ۽ توهان ان مان پريشان آهيو؟ ته بازار مان ڪيميڪل واريون شيون خريد ڪرڻ بدران گهر ۾ ئي تيل ٺاهيو ۽ خشڪي سميت وارن جا ٻيا مسئلا حل ڪيو.

وارن ۾ خشڪي عام مسئلو آهي، جيڪو سياري ۾ وڌي ويندو آهي، ان جي نتيجي ۾ وار اڻڀا نظر ايندا آهن، مٿي ۾ موجود خشڪي نظر اچڻ سبب ماڻهو شرمندگي محسوس ڪندو آهي، وار ڇڻڻ جو مسئلو به ٿيندو آهي.

پر توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسان توهان کي گهر ۾ تيل ٺاهڻ جا ڪجهه طريقا ٻڌائي رهيا آهيون، جن سان خشڪي ختم ٿي ويندي ۽ وڌيڪ پئسو به خرچ نه ٿيندو.

ليمي ۽ بادام جو تيل

ليمي ۾ موجود سٽرڪ ايسڊ توهان جي مٿي جي خشڪي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ غير ضروري تيل کي به صاف ڪري سگهي ٿو ۽ ان ۾ جيڪڏهن بادام جي تيل جا ڪجهه قطرا ملائجن ته وارَ مضبوط ٿي سگهن ٿا.

ته پوءِ دير ڇا جي، وارن جي خشڪي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي مضبوطي لاءِ اڄ ئي ليمي ۽ بادام جو تيل استعمال ڪيو.

ماکي ۽ ڪنوار ٻوٽي جو تيل

توهان سوچيندا هوندئو ته اهو ماکيءَ سان ڪيئن ممڪن آهي؟ ماکي ۾ اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي فنگل پراپرٽيز شامل هونديون آهن، ان جو استعمال توهان جي مٿي مان ڪنهن به قسم جي فنگل ۽ بيڪٽيريا جو خاتمو ممڪن بڻائي ٿو.

هڪ ڪوپ پاڻي ۾ هڪ چمچو ماکي ۽ هڪ چمچو ڪنوار ٻوٽي مڪس ڪيو ۽ ان کي شيمپو جيان وارن تي استعمال ڪيو، توهان جي مٿي مان خشڪي ختم ٿي ويندي ۽ وارَ چمڪدار بڻجي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.