”تڪرارن جو متبادل حل “ لاڙڪاڻي ۾گڏجاڻي، جهيڙا ختم ڪرائڻ تي ڳالهيون

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ليگل ايڊ سوسائٽي طرفان شهر جي مقامي هوٽل ۾ ”تڪرارن جو متبادل حل“ جي عنوان تحت گڏجاڻي  ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران مقرر ڪيل ثالثن ايڊووڪيٽ غلام الرسول ناريجو، ايڊووڪيٽ محمد اسلم جتوئي، جاويد علي گوپانگ، وومين رائيٽس سيل جي انچارج نغمه مزاري، پوليس آفيسر سميرا بلوچ، فريده شيخ، مس بدري، خواجه سراءَ مس سمرن، هندو برادري جي اڳواڻن سميت سوشل ويلفيئر، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن، پوليس، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ سرڪاري کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ متفقه طور تي ننڍن ننڍن تڪرارن جي حل لاءِ ”الٽرنيٽو ڊسپيوٽ رزاليوشن ڊسٽرڪٽ فورم“ جوڙيو ويو. اڳواڻن آگاهي ڏيندي کي ٻڌايو ته معاشري اندر گهريلو تڪرار عام زندگي ۾ ننڍا ننڍا تڪرار حل ڪرڻ لاءِ هي فورم جوڙيو ويو آهي جنهن جي سرواڻي سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جسٽس ناصر اسلم زاهدي ۽ جسٽس رٽائرڊ عارف خلجي ڪري رهيا آهن. اجلاس کي فيلڊ آفيسر امير علي ابڙو ٻڌايو ته مسئلن ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ٽال فري نمبر 080070806 تي رابطو ڪيو وڃي هن وقت تائين ٽال فري نمبر ذريعي مجموعي طور تي 3 لک 27 هزار 605 ڪالون وصول ڪيون ويون جيڪي 450 شهرن ۽ ڳوٺن مان ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ جي شهرن لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور، نوابشاهه، دادو، حيدرآباد کان علاوه گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي شهرن ۾ به هي فورم ڪم ڪري رهيو آهي هن فورم تحت 39 ليگل ايڊ سوسائٽي جي اسٽاف ۽ 52 وڪيلن کي ٽريننگ ڏني وئي آهي. 192 پيرا ليگل ذريعي 30 هزار ڪميونٽي ميمبرن کي تربيت ۽ ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي. هن ڪم لاءِ سنڌ جي 13 لا ڪاليجن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. گڏجاڻي کي ڪراچي کان آيل عباس علي، حنا، حميده، نعمان شيخ ايڊووڪيٽ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عدالت ۽ پوليس ۾ وڃڻ بجاءِ ثالث مسئلا حل ڪرڻ جو هي بهترين فورم آهي جيڪو قانوني به آهي ۽ ننڍا تڪرار ۽ مسئلا جلد حل ٿي سگهندا ان سان ماڻهن جو خرچ ۽ وقت به بچي سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.