مھانگائيءَ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: سينگار نوناري

نصيرآباد )ن ع آ) نصيرآباد ۾ رائس ملز مزدور يونين جي  گڏجاڻي يونين جي صدر سينگار نوناري جي صدارت هيٺ ٿي گذري، گڏجاڻيءَ  ۾ نصيرآباد گاجي کھاوڙ جي سمورن ڪارخاني جي مزدورن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينگار نوناري ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتي ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي آهي، عوام دشمن حڪمرانن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڊي سي قمبر ۽ اي سي نصيرآباد، وارھ وڏيرن جي ڪمداريءَ ڪندي پورھيتن جي پرگھور لھڻ بدران حڪمران جماعت جي واٺن جا گھر ۽ اوطاقون ڀري رهيا آهن،  ٻئي پاسي رائيس ملر مزدورن جي اجرت هڙپ ڪري رهيا آهن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿي آهي، اڄ تائين اجورو ساڳيو ڀڳڙن مُٺ جيترو آهي. مل مالڪ ۽ اختيارين قبلو درست نه ڪيو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.