آءِ سي سي جي نئين رينڪنگ، بابر اعظم کي ڌچڪو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) رانديگرن جي نئين ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ون ڊي ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي پر هو ٽي ٽوئنٽي مان ٽئين کان چوٿين نمبر تي هليو ويو آهي.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جو پهريون، امام الحق جو ٻيو، ڏکڻ آفريقا جي رسي وين ڊر ڊاوسن جو ٽيون نمبر آهي.

بالرن ۾ ٽرينٽ بولٽ پهرين، جوش هيزل ووڊ ٻي ۽ مجيب الرحمان ٽين پوزيشن تي آهن، ان فهرست ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي پنجين نمبر تي آهي.

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار يادو پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته محمد رضوان ٻئي، ڊيون ڪونوي ٽئين ۽ بابر اعظم چوٿين نمبر تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.