ڊفينس ۾ پوليس اهلڪار کي قتل ڪندڙ جوابدار جي والدين جو موقف سامهون اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس ۾ پوليس اهلڪار کي قتل ڪندڙ مبينا جوابدار خرم نثار جي والدين جو موقف سامهون اچي ويو.

جاچ اختيارين موجب پوليس جوابدار خرم نثار جي والدين جو بيان رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ انهن جوابدار کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو.

پوليس موجب والدين بيان ۾ چيو ته کين خبر ناهي ته ان وقت خرم ڪٿي آهي، خرم سال ۾ هڪ ڀيرو پاڪستان ايندو آهي ۽ پاڪستان اچي ڇا ڪندو آهي اسان کي خبر ناهي، خرم جي حرڪتن جا اسان بلڪل ذميوار ناهيون.

جاچ اختيارين ٻڌايو ته خرم جي والدين جي بيان کانپوءِ کين واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.