عمران خلاف توهين عدالت ڪيس:گهرو وزارت پاران شاهديون سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ کي عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سرڪاري وڪيلن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته گهرو وزارت طرفان جمع ڪرايل يو ايس بي مان ثابت ٿئي ٿو ته ان ڏينهن موبائيل سروس بند نه هئي، لانگ مارچ جي ڪنٽينر تان مسلسل سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽس ۽ پوسٽون ٿينديون رهيون. لانگ مارچ جو هدف ڊي چوڪ پهچڻ هو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيلن جي دليلن تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جون ڪجهه حقيقتون آهن، سرڪاري وڪيل چئي رهيو آهي ته جيمرز نه هئا، عدالتي حڪم نامو ميڊيا ۽ پوءِ سوشل ميڊيا ذريعي پوري ملڪ تائين پهچي چڪو هو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هي عدالت توهين عدالت جي اختيار جي استعمال ۾ محتاط آهي بلڪل اهڙي طرح سپريم ڪورٽ ان بابت به محتاط آهي ته اسان جي حڪمن جي خلاف ورزي نه ٿئي، جمعي ڏينهن هتي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينج ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي ايڊووڪيٽ سلمان اسلم بٽ کي مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن يو ايس بي جي ٻي سائيڊ ترديد ڪئي ته ڇا ٿيندو؟  جنهن تي وڪيل سلمان اسلم بٽ موقف اختيار ڪيو ته بي شڪ انڪار ڪن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.