سنڌ صوبي ۾ ٻاهريون ڊوميسائل رکندڙن کي داخلا ڏيڻ بابت درخواست منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ نرسنگ انسٽيٽيوشن ۾ سنڌ کانسواءِ ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي داخلا ڏيڻ تي پابندي خلاف درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت آل پاڪستان نرسنگ ايسوسيئيشن جي فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ڌرين کي 5 ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

درخواستگذار موقف ڏنو آهي ته قانوني طور تي ملڪ جو شهري ڪهڙي به صوبي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو.

درخواستگذار جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ آهي .ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت پنجاب مان ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي گهرايو، ٻين صوبن جا ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.