واٽس ايپ ۾ ” فون ڊائلر “ ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟

سموري دنيا ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهو واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا آهن جنهن ۾ پيغام سان گڏوگڏ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جي سهولت به دستياب آهي.
ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ ان کان اڳ اوهان اهڙي ماڻهن کي وائس ڪالز نه ڪري سگهندا هئاجيڪي اوهان جي رابطي( ڪانٽيڪٽ ) لسٽ ۾ شامل هوندا هئا، پر هاڻ واٽس ايپ طرفان اِها خامي ختم ڪئي پئي وڃي.
گذريل سال هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته واٽس ايپ انتظاميا هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي مدد سان واهپيدار اهڙن ماڻهن ڏانهن به سوالائي سان پيغام اُماڻي سگهندا جيڪي سندن رابطي واري فهرست ۾ ناهن هوندا.
هنيئر تائين اِهو فيچر ته متعارف ناهي ڪرايو ويو پر هاڻ واٽس ايپ ۾ اِن ايپ ڊائلر نالي فيچر تي ڪم هلي رهيو آهي.
هڪ رپورٽ موجب، ڊائلر فيچر ذريعي واهپيدارن لاءِ فون نمبر محفوظ ڪرڻ کانسواءِ ماڻهن کي ڪال ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو.
هي فيچر واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ نئين بيٽا ورجن ۾ نظر آيو آهي، جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته هي فيچر واهپيدارن جي وڏي سهولت فراهم ڪندو ڇو ته ان سان نمبر کي عارضي طور ڪانٽيڪٽس ۾ ايڊ ڪري فون ڪرڻ جو جهنجهٽ ختم ٿي ويندو.
يعني وقت جي بچت سان گڏوگڏ ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ اهڙا نمبر شامل ڪرڻ جي ضورت نه پوندي جن سان هڪ يا ٻه ڀيرا ڳالهائڻ جي ضرورت هوندي آهي.
هن فيچر ذريعي واٽس ايپ ميسجنگ ايپ سان گڏگڏ ڪالنگ سروس ۾ به تبديل ٿي ويندي، هي فيچر بيٽا ورجن ۾ نظر ضرورآيو آهي پر فلحال اِهو ٽيسٽنگ مرحلي مان گذري رهيو آهي، سمورن واهپيدارن لاءِ ڪيستائين دستياب هوندو اِهو ٻڌائڻ مشڪل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.