عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي رياستي ادارن خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي رياستي ادارن ۽ آفيشلز خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو.
عدالت عمران خان کي ٽرائل دوران عدالتي ڪمري ۾ رياستي ادارن ۽ آفيشلز خلاف اشارن ۾ ڳالهائڻ کان به روڪي ڇڏيو، ميڊيا اهڙا بيان نه هلائي، جيڪي رياستي ادارن ۽ انهن جي آفيشلز کي ٽارگيٽ ڪندا هجن.
عدالت چيو ته اهڙا بيان انصاف جي فراهمي جي عمل ۾ به رنڊڪ جو سبب بڻجندا آهن، ڪورٽ ڊيڪورم ۽ فيئر ٽرائل جي گهرجن جو خيال رکڻ عدالت جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.