هن عمر ۾ به ڇڪا هڻڻ لاءِ حاضر آهيان: شاهد آفريدي

هيوسٽن (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ جو چوڻ آهي ته هو هن عمر به ڇڪا هڻڻ لاءِ حاضر آهي.
آمريڪي شهر هيوسٽن ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته آمريڪا ۾ننڍي کنڊ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ آباد آهن جتي به ننڍي کنڊ جا ماڻهو هوندا اتي ڪرڪيٽ پاڻمرادو اچي ويندي.
هن چيو ته پاڪستان جي بالنگ نمبر ون آهي، اسان وٽ باصلاحيت رانديگرن جي کيپ آهي پر اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسان ڊيڊ ( مئل ) پچون ڇو ٺاهيندا آهيون.
شاهد آفريدي چيو ته هو سمجهي ٿو ته محمد عامر جي اچڻ سان شاهين آفريديءَ کي گهڻي سپورٽ ملي ويندي ڇو ته عامر تجربيڪار بالر ۽ هو هر قسم جي صورتحال ۾ بالنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو .
هن اڳوڻي ڪپتان شاهين آفريديءَ بابت چيو ته شاهين سمجهي ٿو ته هر قسم جي پِچ تي آئوٽ ڪرڻو آهي جيڪو ممڪن ناهي، عامر جي اچڻ سان کيس گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو .
هن وڌيڪ چيو ته آفريدين کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي هو شاهين کي انڪري ناهي سمجهائي سگهندو ته هو به آفريدي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.