اليڪشن مداخلت ڪيس، ٽرمپ جي 11 ساٿين تي فرد جرم لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ايري زونا 2020 جي صدارتي اليڪشن ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 11ساٿين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ جي ساٿين تي 2020 جي صدارتي اليڪشن ۾ رياست ايري زونا جو اليڪٽرورل ووٽ جو بائيڊن بجاءِ ٽرمپ کي ڏيڻ جا الزام آهن.
اڳوڻي صدر ٽرمپ جي ساٿين روڊي جولياني ۽ مارڪ ميڊووس سميت 11 ساٿين تي فرد جرم ايري زونا جي اٽارني جنرل طرفان هلندڙ جاچ جي نتيجي ۾ هنئي وئي.
ان کان پهريان آمريڪي رياست مشي گن، نويڊا ۽ جارجيا ۾ به اليڪشن مداخلت جي الزامن ۾ ٽرمپ جي ڪيترن ئي ساٿين تي فرد جرم لاڳو ٿيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.