سپريم ڪورٽ جو اورنگي، محمود آباد ۽ گجر نالي جي متاثرن کي مهيني ۾ الاٽمينٽ ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گجر نالي، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن کي هڪ مهيني ۾ الاٽمينٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ گجر نالي، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جيڪڏهن نالي جا وڌيڪ متاثر آهن ته هڪ مهيني ۾ اي ڊي سي ٽو سائوٿ سان رابطو ڪن.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته هيل تائين ڪهڙو عملدرآمد ٿيو آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته متاثرن کي 80 گز جو پلاٽ ۽ اڏاوت جي رقم ڏئي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت 6932 خاندانن کي 80 گز جو پلاٽ ملير ۾ ڏنو آهي، انهن گهرن جي اڏاوت لاءِ 10 لک خرچ به سنڌ حڪومت مقرر ڪيو هو.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته نالن تان جيڪي گهر هٽايا ويا، اهي قانوني هئا يا نه؟ اهو حڪومت جو نه پر عوام جو پئسو آهي، غلط استعمال نٿو ڪري سگهجي.
ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته متاثر پئسا گهري رهيا هئا ۽ متاثرن جي تجويز تي معاملو انجنيئرنگ ڪائونسل کي موڪليو آهي، ان تي عدالت چيو ته جيڪي ماڻهو پلاٽ وٺڻ چاهين ٿا، انهن کي الاٽ ڪيو ۽ جيڪي انجنيئرنگ ڪائونسل جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ چاهين ٿا اهي انتظار ڪن.
سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪو الاٽمينٽ نه پيو وٺي ته ان کي الڳ ڪيو، سنڌ حڪومت ان حوالي سان سمورا معاملا پاڻ حل ڪري رپورٽ پيش ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.