عروج آفتاب هڪ ڀيرو ٻيهر گريمي ايوارڊ لاءِ چونڊيل

پاڪستان ڄائي آمريڪي راڳي عروج آفتاب پهرين پاڪستاني آهي جنهن کي لڳاتار ٻئي سال به ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي.

عروج آفتاب کيسال 2021 ۾ پهريون ڀيرو گريمي ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو هو ۽ کيس اپريل 2022 ۾ پهريون ايوارڊ ڏنو ويو هو.

بروڪلين ۾ رهندڙ ڳائڻي کي حفيظ هوشيارپوري جي غزل ”محبت ڪرني والي ڪم نه هون گي“ گيت تي بهترين عالمي ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنو ويو هو. ان کان اڳ اهو غزل مشهور راڳي مهدي حسن ۽ فريده خانم به ڳائي چڪا آهن.

تازو ان کي سال 2023 جي گريمي ايوارڊز لاءِ به چونڊيو ويو آهي ۽ مسلسل ٻي سال تائين موسيقي جي وڏي ايوارڊ لاءِ چونڊيل پهرين پاڪستان ڄائي راڳي بڻجي وئي آهي.

عروج آفتاب فوٽو اينڊ وڊيوشيئرنگ ايپ انسٽگرام تي پوسٽ شيئر ڪندي مداحن کي بڌايو ته کيس ۽ سندس ويجهي دوست ڳائڻي انوشڪا شنڪر کي ”بيسٽ ميوزڪ پرفارمنس“ جي ڪيٽيڪگري ۾ ”اڌيڙو نا“ گيت تي چونڊيو ويو آهي.

گذريل مهيني هن ٻڌايو هو ته هن پنهنجو هڪ ٻيو گيت ”اڌيڙو نا“ بهترين عالمي ڪارڪردگي، بهترين ترتيب، بهترين ساز ۽ بهرين آواز ۾ گريمي ايوارڊ لاءِ پيش ڪيو آهي.

ان گيت ۾ ڀارت ڄائي برطانوي ڳائڻي انوشڪا شنڪر به فن جا جوهر ڏيکاريا آهن جڏهن ته اهو گيت عروج آفتاب جي تازي البم ”ولچر پرنس“ جو حصو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.