راڻيپور: درگاهه حضرت سچل سرمت جي اڳوڻي سجاده نشين جي ستين ورسي ملهائي وئي

درگاهه حضرت سچل سرمست جي هاڻوڪي سجاده نشين جي ڀائرن پير خواجا نجم الحق ۽ صلاح الدين فاروقي درازا شريف پهچي سخي قبول محمد فاروقي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ملڪي سلامتي ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ دعا گھري.

سخي قبول محمد فاروقي جي ستين ورسي جي موقعي تي مريدن ۽ عقيدتمند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شرڪت ڪئي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتطام سخت ڪيا ويا.

ورسي جي موقعي تي صوفي فنڪار فقير نظير احمد، رانجھڻ فقير، الله رکيو ۽ ٻين حضرت  سچل سرمست جا ڪلام پيش ڪري وجد طاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.