ملڪ ۾ اڄ سون مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄ ملڪ ۾ سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سنڌ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون جي اگهه ۾ 1200 رُپيا واڌ ٿي آهي جنهن بعد سون جو تولو هڪ لک 53 هزار پنج سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي نموني ڏهه گرام سون 1030 رُپيا واڌ سان  هڪ لک 31 هزار 602 رُپين جو ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 36 ڊالر واڌ کانپوءِ 1708 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي چاندي جو اگهه به پنجاهه رُپيا واڌ بعد  1660 رُپيا في تولو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.