سنڌ پوليس جو ڊيوٽي دوران معذور ٿيندڙ اهلڪارن لاءِ وڏو قدم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ڊيوٽي دوران مقابلن ۽ حادثن ۾ معذور ٿيندڙ اهلڪارن لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو، جسماني طور معذور اهلڪارن کي سهولتون واريون مخصوص موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون ويون آهن.

پوليس جي معذور اهلڪارن لاءِ 38 لک رپين جي فنڊ سان خاص موٽر سائيڪلون تيار ڪيون ويون، شروعاتي طور 19 موٽر سائيڪلون تيار ڪيون ويون، جيڪي معذور اهلڪارن جي دَرن تي پهچايون ويون.

اي آءِ جي فيصل چاچڙ جو چوڻ آهي ته جسماني معذوري جو شڪار اهلڪارن کي آءِ جي سنڌ جي هدايت تي خاص موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون ويون، ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 35 کان مٿي موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون وينديون.

هن چيو ته اهلڪارن کي موٽر سائيڪلون فراهم ڪرڻ جو مقصد سندن حوصلا افزائي ڪرڻ آهي، جن اهلڪارن کي اهي موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون ويون، اهي سڀئي حاضر سروس آهن، موٽر سائيڪل فراهمي سان اهلڪارن جي زندگي آسان ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.