اوگرا ايل پي جي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ته ڪائي ڦيرڦار ناهي ڪئي پر نومبر لاءِ ايل پي جي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن.

اوگرا طرفان نومبر جي مهيني لاءِ ايل پي جي جا اگهه وڌايا ويا آهن.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نومبر ۾ ايل پي جي في ڪلو اگهه ۾ ٻه رُپيا 95 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.

اوگرا هلندڙ مهيني لاءِ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 204 رُپيا 16 پئسا مقرر ڪئي آهي، گهريلو سلينڊر جي قيمت 2409 رُپيا 16 پئسا آهي جيڪا آڪٽوبر ۾ 2374 رُپيا 25 پئسا هئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.